سرهاڙي: سرھاڙي لڳ نامعلوم ھٿياربندن ھٿان ڳوٺاڻو بيدردي سان قتل ٿي ويو. رپورٽ موجب سرھاڙي لڳ ڳوٺ محمد صالح انڙ ۾ نامعلوم ھٿياربندن 45 سالن جي ممتاز انڙ کي بيدري سان گوليون ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. اطلاع ته کڏھر پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ سڪرنڊ اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ صالح انڙ گهر کڻائي پهتا ته ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ کڏهر پوليس چيو ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪارروائي ڪئي ويندي. قتل ٿيل نوجوان جي ڀا رمضان انڙ ميڊيا کي ٻڌايو ته صبح کان منهنجو ڀا ممتاز انڙ سرھاڙي شھر لا گهران نڪتل هو، شام جو ڳوٺ ٻاهران لاش ٻني مان مليو، اسان جي ڪنھن سان ڪا به دشمني ناھي، منهنجي ڀا کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close