چمنE طالبان پاڪستان کان اڳوڻي افغان حڪومت سان ڪيل معاهدي تي عمل جو مطالبو ڪندي چمن بارڊر کي هر قسم جي اچ وڃ جي لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب افغان طالبان چمن سان جڙيل سرحد کي هر قسم جي اچ وڃ جي لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب سرحد جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن اتي پنڌ سرحد پار ڪندڙن جي اچ وڃ به بند ٿي وئي آهي. افغان طالبان چيو آهي ته سرحد پار ڪندڙ مقامي ماڻهن سان امتيازي سلوڪ بند ڪيو وڃي. سرحد وٽ پنڌ اچ وڃ کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ تذڪيره تي جاري رکيو وڃي. پاڪستان ان حوالي سان اڳوڻي افغان حڪومت سان ڪيل معاهدي جو پابند آهي. پاڪستان مٿان اهو لازمي آهي ته هو ان معاهدي جي پاسداري ڪري، جيستائين پراڻي معاهدي موجب پنڌ اچ وڃ بحال نه ٿيندي بارڊر بند ئي رهندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close