آل سنڌ ريتي بجري ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر محراب خان کوسو حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ريتي ۽ بجري کڻندڙ ٽرانسپورٽرن سان انتظامي توڙي مقامي سطح تي زيادتيون وڌي ويون آهن، مقامي سطح تي ڀتي خورن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته ايڪسائيز کاتي پاران ناجائز ۽ غيرقانوني ٽئڪس وصولي توڙي ٽول ٽئڪس انتظاميا پاران هر ڀريل ٽرڪ تي 2 هزار کان 4 هزار روپيا ٽئڪس توڙي ٽريفڪ پوليس جي ڀتاخوري ڪاروبار بند ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ ڄامشورو ٽول پلازه موڙ وٽ گاڏيون بيهاري احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي ويندي، پو به مسئلا حل نه ٿيا ته سنڌ جي مک روڊ رستن تي گاڏيون بيهاري روڊ بلاڪ ڪيو ويندو، جنهن جي ذميوار سنڌ ۽ وفاقي حڪومت هوندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close