عالمي

ڀارت ۾ توهين رسالت جو جوابدار بي جي پي اڳواڻ احتجاج بعد گرفتار

ممبئي: ڀارت ۾ نبي ڪريم صه جي شان ۾ گستاخي ڪندڙ ڀارتيا جنتا پارٽي جي اسيمبلي ميمبر راجا سنگهه خلاف ڀارتي شهر حيدرآباد ۾ احتجاجي مظاهرن کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. ڀارتي ويب سائيٽ انڊيا ٽوڊي موجب پوليس ڪمشنر جي ٽاسڪ فورس طرفان راجا سنگهه کي ان جي رهائش وٽان گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي اسلام جي پيغمبر صه بابت تبصري تي ٻڌل راجا سنگهه جون وڊيوز به هٽايون ويون آهن. ميڊيا رپورٽن موجب ڀارت جي مسلمان اڳواڻن طرفان ڪاوڙ ۽ ڏک جي اظهار سميت سخت احتجاج ڪيو ويو هو. ڀارتي اختيارين موجب احتجاج جي نتيجي ۾ حيدرآباد پوليس طرفان بي جي پي جي ايم ايل کي راجا سنگهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيتريون ئي شڪايتون مليون آهن جن تي ڪارروائي ڪندي ايم ايل اي راجا سنگهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اسان تمام جلد راجا سنگهه تي لڳايل ڪيسن بابت به ميڊيا کي آگاهه ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button