قمبر مان ڪجهه ڏينهن اڳ ڏينهن ڏٺي کنڀي گم ڪيل جلال مغيري جي وارثن ڪرڪيٽ گرائونڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو نوجوان جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو. ان موقعي صدرو مغيري، سعد الله، ديدار علي ۽ معصوم ٻارڙن دانهيندي چيو آهي ته سي آ اي انچارج خان تنيو اسان جي نوجوان کي بنا جواز گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته اسان جي نوجوان مٿان ڪو ڏوهه آهي ته ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جلال مغيري کي آزاد ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close