قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي ڪوهستاني علائقي ڪارو جبل ڀرسان نوجوان ناظم جوکيو کي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آھي ته نوجوان جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. وارثن الزام ھنيو آھي ته نوجوان ناظم جوکيو ڪوهستان ۾ شڪار ڪندڙ عرب شھزادن جي موبائيل تي لائيو وڊيو ٺاهي هئي، جنهن کانپو کيس زبردستي کنڀي ڪارو جبل ڀرسان بااثر سياسي شخصيت جي اوطاق تي پهچايو ويو، جتي کيس تشدد ڪري گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آھي، جيڪو طاقتور آھي اھو پاڻ کي قانون کان مٿانھون ٿو سمجھي. غريب، پورھيت، ھاري، مزدور ۽ مسڪين ماڻھن کي ڪي به حق حاصل ناھن ۽ تحفظ ناھي. اھي لاوارثن جيان کنڀي قتل ڪيا پيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close