برطانيا ۾ حڪومتي سطح تي وڏو انتظامي بحران ٿي پيو، ڏيڍ مهينو اڳ وزيراعظم طور چونڊيل لز ٽرس پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هو صرف 44 ڏينهن وزارت اعظميٰ جي ڪرسي تي رهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب برطانيا ۾ ناڻي ۽ گهرو معاملن جي وزيرن جي استعيفائن بعد خاتون وزيراعظم لز ٽرس به استعيفا ڏئي ڇڏي آهي. مستعفي ٿيڻ بعد هو برطانيا جي تاريخ ۾ 1827ع کانپو سڀ کان گهٽ مدي تائين وزيراعظم رهندڙ شخصيت پڻ بڻجي وئي آهي. لزٽرس اڳوڻي وزيراعظم بورس جانسن جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد 6 سيپٽمبر تي عهدو سنڀاليو هو. ان حوالي سان لزٽرس جو چوڻ آهي ته موجوده صورتحال ۾ مينڊيٽ مطابق حالتن تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيس، مون پنهنجي استعيفا بابت برطانوي بادشاهه کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب لز ٽرس لا اهم وزيرن جي استعيفائن بعد پنهنجو عهدو برقرار رکڻ ڏکيو ٿي پيو هو، مستعفي ٿيل وزيراعظم کي گذريل ڪجهه ڏينهن اندر مارڪيٽ ۽ معيشت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو، برطانيا جي سياستدانن ۽ ڪاروباري شخصيتن وزيراعظم لز ٽرس جي فيصلن کي ملڪ لا نقصانڪار ۽ تڪڙا ۾ ڪيل فيصلا قرار ڏنو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close