قمبر ۾ بدامني خلاف شهرين ۽ واپارين جو شهدا چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي محمد حسين چانڊيو، امتياز پنهور، جمال الدين پنهور، مختيار علي پنهور ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته قمبر شهر جي مختلف علائقن مان ڪيتريون ئي موٽر سائيڪلون ڦر ۽ چوري ٿي چڪيون آهن، جنهن جو ڪو تدارڪ نه ٿيو آهي، پوليس عملدار سکڻا آسرا ڏئي موٽائي ڇڏين ٿا، سفارشي آفيسر مقرر هئڻ ڪري هر روز ڏوهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. هنن چيو ته چوريون ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ نوٽيس وٺي واپس ڪرائي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close