گهوٽڪي ثقافت جي رنگن ۾ رڱجي ويو، شهر واسي قومي گيتن تي جهومي پيا، هر طرف اجرڪ ۽ ٽوپين جي بهار ماحول کي مهڪائي ڇڏيو. سڄي سنڌ جيان گهوٽڪي ۾ به ثقافت جو قومي ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين ثقافتي لباس پهري ريليون ڪڍيون، جيڪي پريس ڪلب پهتيون ته ننڍڙن ٻارڙن پڻ شرڪت ڪئي. ثقافت ڏهاڙي جي مک تقريب گهوٽڪي پريس ڪلب اڳيان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سون جي تعداد ۾ نوجوانن ۽ ٻارڙن شرڪت ڪري قومي گيتن تي رقص ڪيو. ان موقعي تي جسقم اڳواڻ نصرالله ڪلادي، لطيف ميراڻي، محبوب گهوٽو، سارنگ ڪلادي، ٻالڪ ادبي فورم جي عبدالحئي ڀٽو، ڪامريڊ جمال شاھه، احسان ڪلادي، صحافين رمضان چنا، آزاد مهر، الهورايو بوزدار، احسان ڪلوڙ، ظفر صديقي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌي قوم امن پسند ۽ پيار ڪندڙ آهي ۽ اسان کي پنهنجي 5 هزار سالن جي ثقافت تي فخر آهي، ڪو هڪ ڏينهن مخصوص ڪرڻ بدران اسان سڄو سال ثقافتي ڏهاڙا ملهائيندا رهون ۽ پيار محبت جي پرچار ڪندا رهون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close