پي پي ايڇ آ خاڻوٺ جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غفلت خلاف ايس يو پي ڪارڪنن انڊس ھا وي کان پي پي ايڇ آ اسپتال خاڻوٺ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن عبدالرشيد کوسو، مختيار لاشاري، حقنواز مڱڻھار، غلام لاشاري، طالب مدد سولنگي ۽ واجد پنھور چيو ته ھڪ ھفتو اڳ ڊاڪٽر قزبانو جي غفلت جي ڪري پورھيت مختيار لاشاري جي گھر واري جي 8 مھينن جي ٻن ٻارڙن جي وقت کان اڳ ۾ زبردستي ڊليوري ڪرائي، جنھن کان پو ٻارڙن جي حالت نازڪ ھجڻ جي ڪري لمس اسپتال ڄامشورو موڪليو، جتي ٻئي ٻارڙا فوت ٿي ويا، عورت جي حالت نازڪ آھي، ڌرڻي دوران پي پي ايڇ آ خاڻوٺ جي ڊاڪٽر عبدالحفيظ ڀٽي احتجاج ڪندڙن سان ڳالھيون ڪيون ۽ معاملي جي جاچ ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي، جنھن کان پو ڌرڻو ختم ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close