پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ معصوم شاگردن ۽ استادن جي هان ڏاريندڙ اجتماعي قتل واري سانحي کي 8 سال گذري ويا پر شاگردن جا والدين اڄ به انصاف ملڻ جا منتظر آهن، جڏهن ته ملڪي تاريخ ۾ دهشتگردي جي سڀ کان وڏي واقعي جا زخم اڃا به تازا آهن. 16 ڊسمبر 2014ع تي 6 دهشتگرد آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ پوئين ڀت ٽپي اندر داخل ٿيا ۽ اسڪول جي آڊيٽوريم هال ۾ فرسٽ ايڊ ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙ ٻارن تي فائرنگ ڪري ڏني، ڌماڪيدار مادي ۽ جيڪيٽون پهريل هٿياربندن جي حملي ۾ ٻارن ۽ استادن سميت 150 ڄڻا شهيد ٿيا هئا، قوم اڄ به دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. ان ڏينهن هر اک آلي ۽ ملڪ ۾ ماتم متل هو. پاڪ فوج معصوم ٻارڙن تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي ٿڏي ئي ماري ڇڏيو هو، جڏهن ته سهولتڪارن کي بعد ۾ ڦاهي ڏني وئي پر 16 ڊسمبر جو ڏينهن ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ ڀوائتو خواب بڻجي ويو آهي. ٻئي طرف پشاور ۾ شهيد ٻارڙن جي والدين اي پي ايس سانحي جي دهشتگردن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي، جنهن سبب خيبر روڊ کي ٽريفڪ لا بند ڪيو ويو. شهيدن جي والدين پشاور جي ڪور ڪمانڊر سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس کين روڪي ڇڏيو. احتجاج ۾ شامل محمد طاهر ۽ ٻين شهيد شاگردن جي والدين جو چوڻ هو ته 8 سال گذرڻ باوجود اڄ به اسان کي انصاف ملڻ جو انتظار آهي پر بدقسمتي اها آهي ته ڪير به اسان لا ڪجهه نٿو ڪري، هنن چيو ته اسان هر سال 16 ڊسمبر تي سرڪاري موڪل جو مطالبو ڪريون ٿا پر حڪومتي عهديدار واعدا ڪرڻ باوجود اسان جا مطالبا مڃڻ لا تيار نه آهن. هنن چيو ته حڪومت ۽ اعليٰ اختيارين طرفان ڪنهن به آرمي پبلڪ اسڪول جي تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close