سڌ سما بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ڪا به نئين ڳالهه ناهي ڪئي، هن رڳو ميڊيا ۽ عوام جو وقت وڃايو، اسيمبليون ٽوڙڻ لا تاريخون نه ڏبيون آهن،حوصلو ڪرڻو پوندو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جي ذهن تي اقتدار وڃڻ جو اثر ٿي پيو آهي، سندس کائڻ پيئڻ ئي پنجاب ۽ پختونخوا اسيمبلين سان جڙيل آهي، هاڻي پنهنجي چوري جو گوڙ گهٽائڻ لا واويلا ڪري رهيو آهي، عمران کي جمهوري تسلسل جو ڪو به لاچار ناهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن باجوا سڀ ڪجهه ڪري رهيو هو ۽ توهان بي اختيار آهيو ته پو کيس بند ڪمري ۾ ايڪسٽينشن جي آڇ ڇو ڪندا رهيا؟ جنهن ڏينهن صوبائي اسيمبليون ٽٽنديون ته 9 ورهين کان پختونخوا ۾ ٿيندڙ چوريون ۽ ڌاڙا سامهون اچي ويندا، جيڪڏهن پنجاب اسيمبلي به ٽٽي وئي ته پو بني گالا جي رڌڻي ۽ جلسن جو خرچ ڪير ڀريندو، اي ٽي ايم ته هاڻي رهيو ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close