ننگرپارڪر: ننگرپارڪر ۾ پاڻي ڀريندي ڳورهاري عورت تلا ۾ ڪري فوت ٿي وئي، بچائڻ لا تلا ۾ ٽپو ڏيندڙ سندس ڀائيٽي به فوت ٿي وئي. هڪ نينگري کي بچايو ويو. ان سلسلي ۾ ننگرپارڪر جي ڳوٺ آڌيگام ۾ پاڻي جي تلا ۾ پاڻي ڀريندي پير ترڪڻ سبب 32 سالن جي 6 مهينن جي ڳورهاري عورت ڪيسري زال پرتاب ڪولهي اونهي پاڻي ۾ ڪري پئي، جڏهن ته عورت کي بچائڻ لا سندس ڀائيٽي 12 سالن جي نينگري ٿانو ڌي موهن ڪولهي تلا ۾ ٽپو ڏنو، جيڪا ٻڏي فوت ٿي وئي، عورت کي بچائڻ لا تلا ۾ وڌيڪ هڪ 14 سالن جي نينگري تاري ڌي سوڀو ڪولهي ٽپو ڏنو، ٽنهي کي ڳوٺاڻن ٻاهر ڪڍيو، جن مان ٿانو فوت ٿي چڪي هئي، ٽنهي کي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن ٻن ٻارن جي ما ڳورهاري ڪيسري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن ته تاري جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي وئي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪيسري ٻن ٻارن جي ما ۽ 6 مهينن جي ڳورهاري هئي. جڏهن ته ننگرپارڪر پوليس ٻڌايو ته فوتي عورت ۽ سندس ڀائيٽي جي وارثن واقعو اتفاقي قرار ڏنو آهي، ان ڪري لاش پوسٽ مارٽم کانسوا ئي وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. هوڏانهن چاچي ۽ ڀائيٽي جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close