نفيس نگر: نفيس نگر ويجهو ڳوٺاڻن دوست علي چانڊيو، ڪارو چانڊيو، ڪانجي ڀيل، مٺو ڀيل ۽ وسند ڀيل جي اڳواڻي ۾ مهانگائي وڌڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن دانهيندي چيو ته مهانگائي عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن، عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن، دڪاندارن ۽ واپارين اٽي، کنڊ، دال، چانورن ۽ ٻين شين جا اگهه هٿرادو طور وڌائي ڇڏيا آهن، پر انتظاميا منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لا تيار ناهي، پورهيت ۽ مزدور طبقو گهر هلائڻ لا پريشان آهي، دوائون به مهانگيون ملي رهيون آهن، پر سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لا ڪجهه نه پيون ڪن، جنهن ڪري عوام ٻه ويلا ماني کائڻ لا به پريشان آهي. هنن چتا ڏنو ته مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ هلائينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close