
وارهه ۾ شاهه لطيف ڪالوني ۽ مٺا ڪالوني جي ڪچي آبادي جي رهواسين ورلڊ فوڊ پروگرام ۾ شامل نه ڪرڻ خلاف پنجين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي محمد صلاح چانڊيو، صدرالدين چنو، محمد نواز چانڊيو، محمد رمضان چنو ۽ ٻين چيو ته برسات ۽ ٻوڏ ۾ ذڪر ڪيل محلن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، غريب ماڻهن جا اجها ڊهي پٽ پئجي ويا ماڻهن جو مالي ۽ جاني نقصان ٿيو، پر ان هوندي به غريبن کي ڄاڻي واڻي ورلڊ فوڊ پروگرام ۾ شامل نه ڪيو ويو، جنهن ڪري ماڻهن جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي. گذريل پنجن ڏينهن کان وٺي متاثر ماڻهو روڊن ۽ رستن تي حقن لا ٻاڪاري رهيا آهن پر ڪير نوٽيس وٺڻ لا تيار ناهي. هنن جو چوڻ هو ته ماڻهو بکون ڪاٽي رھيا آھن احتجاج جو نوٽيس نه ورتو ويو ته جدوجهد کي نئي رخ ۾ وٺي وينداسين.