خيبر پختونخوا ۾ حڪومتي پارٽي تحريڪ انصاف ۽ اپوزيشن وچ ۾ نگران وڏي وزير جي مقرري لا اعظم خان جي نالي تي اتفاق ٿي ويو آهي. مليل ڄاڻ موجب صوبائي حڪومت ۽ اپوزيشن صلاح مشوري بعد اڳوڻي چيف سيڪريٽري اعظم خان کي خيبر پختونخوا جو نگران وڏو وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. صوبي ۾ نگران وڏي وزير جي مقرري جي سلسلي ۾ وڏي وزير محمود خان ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ اڪرم دراني وچ ۾ صلاح مشوري جي آخري ڏينهن تي مسئلي جو حل نڪري آيو. اڪرم دراني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نگران وڏي وزير لا اعظم خان جي نالي تي اتفاق ٿيو آهي ۽ ڳالهين ۾ پرويز خٽڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. هوڏانهن ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان به اعظم خان کي نگران وڏو وزير بڻائڻ لا گرين سگنل ڏنو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close