عثمان شاھه ھڙي: صوبائي وزير سيد ضيا عباس شاهھ رضوي پاران جهنڊومري تعلقي ۾ وڌيڪ 3 ارب جي ترقياتي اسڪيمن جو اعلان ڪيو ويو. ڳوٺ مٺو خان ميرجت ۾ پ پ تعلقي جهنڊومري جي صدر محمد صالح ميرجت، عبدالمجيد ميرجت، خادم حسين ميرجت ۽ ٻين پاران ڏنل آجياڻي ۾ صوبائي وزير سيد ضيا عباس شاھه رضوي عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته مخالفن جي تنقيد سان ڪوبه فرق نٿو پوي، پ پ هميشه عوام جي خدمت ڪئي آھي، سڄي سنڌ جيان ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ به روڊن سميت ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو پيو وڃي. پوري جهنڊومري تعلقي ۾ روڊن سميت ترقياتي ڪم جاري آھن، هلندڙ سال وڌيڪ 3 ارب جون ترقياتي اسڪميون آڻي رهيا آھيون، جيڪي هلندڙ سال مڪمل ٿي وينديون، تازو ئي مڪاني چونڊ ۾ مخالفن کي ملندڙ شڪست ثابت ڪري ڇڏيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اها واحد جماعت آھي، جيڪا ملڪ جي عوام کي ڏکيائين کان ڪڍي سگهي ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close