عثمان شاهھ ھڙي: عثمان شاهھ ھڙي ۾ ما پي جي آپگهات بعد پنج يتيم ٻار رلي ويا، آپگهات واقعن جي جاچ لا ضلعي انتظاميا توڙي پوليس ڪو تحرڪ نه ورتو. ان سلسلي ۾ عثمان شاهه هڙي ويجهو ڳوٺ موريو ساند ۾ غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي خودڪشي ڪندڙ زال مڙس جا 5 معصوم ٻار دربدر ٿي ويا. مشائخ هوٿي ٿاڻي جي حد ڳوٺ موريو ساند ۾ برسات متاثر پورهيت نگيو ڀيل جي گهرواري پارسان ڀيل 5 ڏينهن اڳ غربت ۽ بک کان تنگ ٿي آپگهات ڪيو هو، جنهن بعد سندن مڙس نگيو به 3 ڏينهن بعد پوليس کان آزادي ملڻ بعد خودڪشي ڪئي، جنهن سبب سندن ٻار دربدر ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ نوجوان جي پيرسن والد ٻڌايو ته گهر ۾ بک ۽ بيروزگاري سبب زال ۽ مڙس ۾ ڏند چڪ ٿيندي هئي، جنهن تان هن ٻنهي خودڪشي ڪئي، هاڻ سندن 2 مهينن جي پٽ جي ڪفالت ڪرڻ وارو ڪير به ناهي، هنن جا 5 ٻار روئين ٿا، ڪنهن به چونڊيل نمائندي ڪا سار ناهي لڌي، تعلقي ۽ ضلعي جي ڪاموري به مدد ناهي ڪئي، ٻار بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن. هن سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ٻارن جي ڪفالت ۾ مدد ڪئي وڃي. ياد رهي ته 5 ڏينهن اڳ مشائخ هوٿي جي ڳوٺ موريو ساند ۾ عورت پارسان گهر ۾ ڦاهو کائي انت آندو هو، جنهن تي پوليس سندس مڙس نگيو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو، جنهن کي ناري جي ڀائرن آزاد ڪرايو، جنهن کانپو نگيو به ٽن ڏينهن بعد گهر ۾ خودڪشي ڪئي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close