ترڪيا ۾ گذريل هفتي آيل خوفناڪ زلزلي سبب فوت ٿيل 5 هزار ماڻهن کي اجتماعي طور دفنايو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ قبرن جي کوٽائي وارو ڪم جاري آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق ترڪيا جي شهر ماراش ۾ فوت ٿي ويل گهٽ ۾ گهٽ 5 هزار ماڻهن جا گمنام لاش اجتماعي طور دفنايا ويا آهن، عمارتن جي ڍير هيٺان هٿ آيل لاشن جي تدفين لا جهنگ جي هڪ وڏي حصي کي اجتماعي قبرن لا صاف ڪيو ويو آهي، جتي سڄو ڏينهن تابوت کڻي ايندڙ گاڏين جي اچ وڃ جاري رهي ٿي پر سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري پونئيرن کي قبرن جا نالا ۽ نمبر ڳولڻ ۾ سخت ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، ان سلسلي ۾ انتظاميا قبرن جي ڪتبن بدران ڪاٺ جا ڏنڊا لڳائي ڇڏيا آهن، جن تي فوت ٿيلن جون تصويرون ۽ نمبر لڳايا ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close