سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ اختلافن جي برف نيٺ رجهي وئي، چين جي ٽياڪڙي سان ٻنهي ملڪن ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ٿي ويا، ان حوالي سان معاهدو پڻ طئي ٿي ويو آهي. سعودي عرب جي ميڊيا موجب چيني صدر شي جن پنگ جي ڪوششن سان ايران ۽ سعودي عرب جي اعليٰ اختيارين وچ ۾ 6 کان 10 مارچ تائين ڳالهه ٻول ٿي، سعودي ۽ ايران وچ ۾ سٺن لاڳاپن جي بحالي لا چين طرفان ورتل قدم جي موٽ ۾ ٽئي ملڪ اهو اعلان ڪن ٿا ته سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو آهي، جنهن تحت ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جي ميزباني چين ڪندو. گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته معاهدي جي حساب سان سعودي ۽ ايران 2 مهينن اندر سفارتخانا ٻيهر کوليندا، جڏهن ته هڪٻئي جي خودمختياري جو احترام ۽ اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ به معاهدي ۾ شامل آهي. بيان ۾ چيو ويو ته اسان جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ پاڙيسري طور سٺن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ اختلافن کي ڳالهه ٻول ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ آهي، ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير معاهدي جي شرطن کي فعال بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لا هڪ اجلاس پڻ منعقد ڪندا. ان سان گڏوگڏ 2001ع جي سيڪيورٽي سهڪار واري معاهدي ۽ معيشت، سائنس ۽ راندين سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار لا سال 1998ع واري معاهدي کي به فعال ڪيو ويندو. ان موقعي تي ايران ۽ سعودي عرب ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي لاءِ ڪوششن ۽ 22-2021 ۾ ڳالهيون ڪرائڻ تي عراق ۽ عماد جا به ٿورا مڃيا، جڏهن ته هلندڙ ڳالهين جي ميزباني ۽ مدد تي چيني قيادت جا پڻ ٿورا مڃيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close