اسلام آباد :سهيل علي خان کي سڌ سما جو ايڊيشنل سيڪريٽري انچارج مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته شاهيرا شاهد کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ حڪومت سيڪريٽري اطلاعات ۽ نشريات شاهيرا شاهد کي پنهنجي عهدي تان هٽائي سهيل علي خان کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انفارميشن گروپ گريڊ 22 هين جي شاهيرا شاهد کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سهيل علي خان کي سڌ سما جو ايڊيشنل سيڪريٽري انچارج مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. انفارميشن گروپ گريڊ 21 هين جو سهيل علي خان ايڊيشنل سيڪريٽري اطلاعات ۽ ايم ڊي پي ٽي وي مقرر رهيو آهي. ان کان اڳ هو ريڊيو پاڪستان جو ڊائريڪٽر، پرنسپل انفارميشن آفيسر ۽ جدي ۾ پريس قونصلر جا فرض پڻ نڀائي چڪو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close