چيلهار: چيلهار ڀرسان ڳوٺ ستلا ۾ گذريل رات دير سان پورهيت ڀورو پٽ گلو جي گهر کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب نياڻي جو ڏاج، 15 مڻ ڪڻڪ، زيور ۽ ٻيو سامان رک ٿي ويو. پورهيت ٻڌايو ته تازو ئي لاباري تان مزدوري ڪري ڪڻڪ ڪمائي آيو هئس، جيڪا رات باهه جي نظر ٿي وئي ۽ نياڻي لا ورتل ڏاج به باهه کان بچي نه سگهيو. پورهيت ضلعي جي چونڊيل نمائندن ۽ ڊي سي ٿرپارڪر کان گهر ڪئي ته گهر ٺهرائي ڏئي مالي مدد ڪئي وڃي. ٻئي طرف گهر سڙڻ بعد پورهيت معصوم ٻارن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close