جهڏو : جماعت اسلامي جهڏو جي وفد اظهر جميل آرائين، ڊاڪٽر شمشاد، عمرخان، پرويز حفيظ ۽ ڊاڪٽر مشتاق جي اڳواڻي ۾ ايم پي اي ۽ آبپاشي کاتي جي پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين مير طارق ٽالپر سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن مير طارق ٽالپر کي آگاهي ڏيندي چيو ته پراڻ ڍورو جي بحالي لاءِ شروع ٿيل ڪم سستي جو شڪار آهي، ان کي ايندڙ برساتن کان اڳ جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو ۽ جهڏو شهر کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ بندن کي مضبوط ڪري ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويل روڊ رستا ۽ گٽر نالن جي نئين سر تعمير ڪئي وڃي. ان موقعي تي مير طارق ٽالپر الخدمت فائونڊيشن جي ڪيل ڪمن کي ساراهيو ۽ وفد کي يقين ڏياريو ته پراڻ ندي جي بحالي سنڌ سرڪار جي اولين ترجيح آهي، قدرتي وهڪرن تان قبضا جلد خالي ڪرايا ويندا، پراڻ ڍورو جي پلين جي هلندڙ ڪم ۾ تيزي آندي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close