شھدادپور: شھدادپور ۾ 3 ڏينهن اڳ حيدرآباد کان موٽندي هالا ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل شھدادپور واسي نوجوان احسن لاشاري جي بازيابي لا وارث عورتن، ٻارن ۽ شھرين علي چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مغوي نوجوان جي پي راجا لاشاري، چاچي سهيل لاشاري، طفيل لاشاري، رشيد لاشاري، اقبال چوهاڻ ۽ ٻين ٻڌايو ته 3 ڏينهن اڳ مان پنھنجي دوست ابراهيم آرائين ۽ پٽ احسن لاشاري سان گڏ حيدرآباد کان شهدادپور ڪار ۾ اچي رهيو هئس ته ھالا لڳ شھدادپور روڊ تي اوچتو هٿياربندن سامھون اچي اسان کي روڪي ورتو ۽ يرغمال بڻائي روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري مارڪٽ ڪري اسان کي فصل ۾ اڇلائي ڇڏيو، جنهن بعد هٿياربند منهنجي پٽ احسن لاشاري کي اغوا ڪري ڪار سميت کڻي ويا، هالا پوليس ڪيس داخل ڪرڻ باوجود ڪابه ڪاروائي ناہي ڪئي، جديد دور ۾ به پوليس ڪٿي ناڪابندي نه ڪئي، نه وري پٽ جو پتو لڳائي سگهي آهي. اسان جي گهر ۾ 3 ڏينهن کان چلهه ناهي ٻري،رڳو روڄ راڙو آھي. ھنن اعلى عملدارن کان گهر ڪئي ته مغوي پٽ احسن لاشاري کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close