حيدرآباد جي عدالت پارس شاهه قتل ڪيس جي شنوائي ٻيهر 10 ڏينهن لا ملتوي ڪري ڇڏي، سحر شاهه چيو آهي ته ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گذريل 8 مھينن کان جدوجهد ڪئي آهي، ڪردار ڪشي ڪندڙن کي نه ڇڏينديس. خبر موجب حيدرآباد جي سول ڪورٽ ۾ پارس شاهه قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي شنوائي ٿي، ان دوران فريادي ڌر پاران سلمان شاهه، سحر شاهه، سندس والد ماڪن شاهه رضوي ۽ ٻيا پيش ٿيا. ڌرين جي وڪيلن عدالت کي استدعا ڪئي ته اسان کي اڃا مهلت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت وڌيڪ شنوائي 10 ڏينهن لا ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سحر شاهه چيو ته 8 مھينن کان ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهيان، جوابدار گرفتار ٿيا آهن ته ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا تي اسان جي ڪردارڪشي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته منهنجي ڀا پارس شاهه کي قتل ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدارن جي اعتراف بعد ڀاءُ جو چوري ٿيل سون ۽ ٻيو سامان به پوليس هٿ ڪيو آهي، ڀاڄائي فرزانا ۽ سندس والد وٽ جيڪڏهن ڪي ثبوت آهن ته اُهي عدالت ۾ پيش ڪن ۽ ٽرائيل کي منهن ڏين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close