ويهين صدي انساني تاريخ جي اها صدي آهي، جنهن پهريون ڀيرو دنيا جي مختلف خطن اندر مظلوم طبقن ۽ محڪوم قومن کي آزاديون ماڻيندي ۽ عوامي راڄ قائم ٿيندي ڏٺا. ان تاريخي اڳڀرائيءَ جي شروعات بغير ڪنهن شڪ شبهي جي آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب سان ئي ٿي. ان انقلاب کان پوءِ، سامراج جو بيٺڪيتي سرشتو ڪمزور ٿيڻ لڳو ۽ مظلوم قومن بيٺڪيتي ڳٽ ڳچيءَ مان لاهڻ شرع ڪيا، هڪڙن خطن جي قومن سياسي بيٺڪيت ته، ٻين وري معاشي بيٺڪيت جي راڄ جو خاتمو آندو، اهڙين بيٺڪيتن جو خاتمو آڻيندڙ لاطيني آمريڪا جون اهي مظلوم قومون به هيون، جن سامراجي طوق لاهيندي، ان جي پالتو مقامي حڪمرانن جي تڏا ويڙهه ڪندي، عوامي جمهوري حڪومتون قائم ڪيون ۽ انهن مظلوم قومن ۾ اهو ڪيوبا به شامل هو، جنهن جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن انقلابين سامراج نواز فاشي ڊڪٽيٽر بتستا جي اقتدار جو خاتمو آندو ۽ انهن انقلابين جو سرواڻ فيدل ڪاسترو هو.
اهو 26 جولاءِ 1953ع جو سال هو، جڏهن 26 ورهين جي نوجوان وڪيل فيدل ڪاسترو جي اڳواڻيءَ ۾ 160 انقلابين جي گروپ سانتياگو دي ڪيوبا ۾ مونڪادا بيرڪس تي حملو ڪري ڏنو. حملي جو مقصد ڪيوبا جي سامراج نواز ڊڪٽيٽر فلجينيسيو بتستا کي مزاحمت جو پيغام ڏيڻ سان گڏ هٿيارن تي قبضو ڪرڻ، عام ماڻهوءَ کي هٿياربند ڪرڻ ۽ زمين جي هارين ڏانهن منتقلي هو. بدقسمتيءَ سان حملو ناڪام ٿيو، 61 انقلابي شهيد ڪيا ويا، ڪاسترو سميت ٻين انقلابين کي پڪڙي کولين ۾ واڙيو ويو. پر ان 26 جولاءِ 1953ع جي سال ڪيوبا جي تاريخ ۾ هڪ اهڙي سرخ سر سان انقلابي ڪيوبا جا بنياد وڌا، جيڪو پهرين جنوري 1959ع ۾ ساڳين انقلابين جي اڻٿڪ جدوجهد سان انقلاب جي شڪل ۾ ٺهي راس ٿيو. ان ئي انقلاب جي باني فيدل ڪاسترو جي جمعي تي پنجين ورسي آهي، ڪاسترو 90 سالن جي ڄمار ۾ 26 نومبر 2016ع تي لاڏاڻو ڪري ويو هو.
ڪاسترو خلاف جڏهن فوجي ٽربيونل ۾ مقدمو هلايو ويو. ان مقدمي ۾ ڪاسترو پنهنجي مشهور تقرير History Will Absolve Me “تاريخ مون کي بري ڪندي” ڪئي. جيڪا هڪ پاسي بتستا جي فاشي ڊڪٽيٽرشپ تي بيرحم تنقيد هئي ته، ٻئي طرف ڪيوبا جي انقلابي ڪايا پلٽ ۽ قومي آزاديءَ جي جدوجهد جو پروگرام به هئي. ٽربيونل ڪاسترو کي 15 سالن جي سزا ٻڌائي ڇڏي پر کيس مئي 1955ع تي عوامي دٻاءُ تحت “عام معافي” ڏني وئي.
ڪيوبا جو انقلاب بنيادي طور عوامي، زرعي، سامراج مخالف قومي آزادي جو انقلاب هو. جنهن اڳتي هلي سوشلزم جي شڪل ورتي. ڪيوبا جي انقلاب لاطيني آمريڪا ۾ سامراجي طوق جي زنجيرن کي ٽوڙيو، اولهه جي دائري ۾ پهرين سوشلسٽ رياست جي قيام کي عمل ۾ آندو ۽ ان خطي اندر انقلابي تحريڪ جي نئين مرحلي جي شروعات ڪئي. يقينن ڪيوبن سماج جون داخلي حالتون ان انقلاب لاءِ سازگار هيون، سامراج نواز بتستا جي آمريت ۽ آمريڪي سرمائي جي ڦرلٽ خلاف عوامي ڪروڌ جو وٽو ڇلڪيل هو پر اهو به نه وسارڻ گهرجي ته، ان انقلاب کي ڪامياب بڻائڻ ۾ انهن بين الاقوامي حالتن به حصو وڌو، جيڪي، پاڻ جيئن مٿي چئي آياسين، 1917ع ۾ روس ۾ آيل عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جي ڪري جنم وٺي چڪيون هيون. آڪٽوبر انقلاب جي نتيجي ۾، سرمائيداريءَ جو عمومي بحران شروع ٿيو، يعني هاڻي سرمائيداري اڪيلي عالمي نظام واري حيثيت وڃائي چڪي هئي. سرمائيداراڻي نظام جي ان ڪمزوريءَ جي نتيجي ۾، هڪ نئين طاقت جي توازن جو ظهور ٿيو. سوشلسٽ ڪيمپ جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ طاقت ۽ ترقي سبب اهو ممڪن بڻيو ته، سوشلسٽ رياستون دنيا جي مختلف خطن اندر قومي، طبقاتي ۽ جمهوري لڙايون ڪندڙ مظلوم قومن ۽ مظلوم طبقن جي مزاحمت کي وڌيڪ مضبوط ڪن. ڪاسترو ۽ چي گويرا جي اڳواڻيءَ ۾ ڪيوبا جي عوام جي سامراج مخالف مزاحمت جي ڪاميابيءَ پٺيان ڪارفرما انهن قوتن جي ڪردار کي به نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، جن ڪيوبا جي انقلابي هلچل جي ڏهاڙن ۾ مختلف دائرن ۾ سهائتا ڪئي. جيئن ڪاسترو پاڻ مڃيو: “1917ع ۾ روسي انقلاب جي اچڻ کان پوءِ ئي ڪيوبا جو انقلاب ممڪن بڻيو.”
1952ع ۾ بتستا جو آمراڻو راڄ قائم ٿيڻ کان پوءِ، ڪيوبن سماج ۾ موجود تضاد اڃا به وڌيڪ تيز ٿيو. بتستا آمريت هڪ پاسي جمهوري قوتن خلاف دهشتگرداڻا حربا استعمال ڪيا ته، ٻئي طرف ڪيوبا جي قومي مفادن تي آمريڪي سامراج جي مفادن کي ترجيح ڏني. اهو ئي سبب هو جو، بتستا جي آمريت خلاف اٽڪل سمورن طبقن ۽ سماجي گروهن پورهيتن، هارين، دانشورن، وڪيلن، شاگردن ۽ ريڊيڪل شهري وچولي طبقي طرفان مزاحمت وڌي. پهرين دائري ۾، اها عوامي مزاحمت وڏي پئماني تي خودرو هئي، ڇاڪاڻ ته، هڪ ته، آمريت مخالف سياسي قوتون ورهايل هيون، ٻيو ڪيوبا جون بورجوا پارٽيون ان ڪوشش ۾ هيون ته، ڪيئن به ٿئي، بتستا آمريت سان ٺاهه جي ڪا واٽ نڪري ۽ ٽيون، اينٽي ڪميونسٽ پروپئگنڊا ۽ سرگرميون به تيز هيون. وڌيڪ اهو ته، ان وقت ڪميونسٽ ان پوزيشن ۾ ئي نه هئا ته، هو اڪيلي سر ۽ آزاديءَ سان انقلاب جي اڳواڻي ڪن. دراصل اهي ئي حالتون هيون جو، ڪاسترو جي اڳواڻيءَ ۾ نوجوانن جي گروپ 26 جولاءِ 1953ع تي مونڪادا بيرڪس تي حملو ڪيو. جيتوڻيڪ حملو ناڪام ٿيو، پر ان جا داخلي سياسي صورتحال تي زبردست اثر پيا، ۽ بتستا جي جبر خلاف هٿياربند جدوجهد جا بنياد پيا. فاشي آمريت جي انتهائي اذيتن ۽ انڊرگرائونڊ ڪم ڪرڻ باوجود ڪميونسٽن هڙتالن جي سلسلي جي شروعات ڪئي، جيڪي 1955ع تائين تقريبن سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويون ۽ وڏي پئماني تي ٿيڻ لڳيون. 1956ع ۾ ڪاسترو جي اڳواڻيءَ ۾ انقلابي باغين جو گروپ ميڪسيڪو هليو ويو، جتان پوءِ ڪيوبا داخل ٿي، جدوجهد جاري رکي. ڪاسترو جي اڳواڻيءَ ۾ انقلابي گروپ سيرا ميسترا ۾ هڪ جٿو قائم ڪيو، جنهن لاءِ مقامي آبادي، بنيادي طور زرعي پورهيتن ۽ هارين مان ڀرتيون ڪيون ويون، اهو جٿو بتدريج انقلابي آرمي ۾ تبديل ٿي ويو. جنهن هاڻي حڪومتي فوجين تي وڏي پئماني تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا. ان صورتحال انقلابي تحريڪ ۾ نئون روح ڦوڪيو. ان دوران انقلابي آرمي تي ٻڌل هڪ قومي جمهوري سامراج مخالف محاذ قائم ڪيو ويو، جنهن انقلابين جي هڪ اتحاد پيپلز سوشلسٽ پارٽيءَ آف ڪيوبا، ريووليوشنري ڊائريڪوٽوريٽ آف دي اسٽوڊنٽ فيدريشن ۾ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو.
ڪاسترو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪميونسٽ گوريلن جي لازوال جدوجهد ۽ ڀرپور عوامي مزاحمت جي نتيجي ۾ 1958ع جي ٻئي اڌ ۾ بتستا جي فوج جا حوصلا پست ٿيا، ۽ اها عملي طور انقلابي آرمي اڳيان ڪا به مزاحمت پيش نه ڪري سگهي ۽ ڪيوبا ۾ نئين سال جي پهرين تاريخ يعني پهرين جنوري 1959ع ۾ ڪاسترو جي اڳواڻيءَ ۾ انقلابين بتستا جي فاشي اقتدار تي قبضو ڪري ڇڏيو.
فيبروري 1959ع ۾ ڪاسترو انقلابي حڪومت جو سربراهه بڻيو. ڪاسترو جي اڳواڻيءَ ۾ آيل ڪيوبا جي ان انقلاب، جيڪو عوام جي مڪمل حمايت سان انقلابي آرميءَ جي هٿياربند جدوجهد جي نتيجي ۾ فتحياب ٿيو، بتستا جي جبر جي رياستي مشينري ۽ فوج کي تباهه ڪيو ۽ سموري نيم بيٺڪيتي ۽ جاگيردارن جي حڪومت جو خاتمو آندو. ڪاسترو جي سربراهيءَ ۾ نئين انقلابي حڪومت ڪيوبا کي ڌاري غلاميءَ کان نجات ڏياري، زرعي سڌارا ۽ ٻيون گهريون سماجي تبديليون آنديون. ڪيوبا جي انقلاب پورهيت طبقي ۽ غريب هارين کي اقتدار جو مالڪ بڻايو، ان انقلاب جاگيرن جي مالڪ مقامي بورجوا اولگارڪيءَ کي اقتدار مان بيدخل ڪيو ۽ ڪيوبا اندر يانڪي سامراج جي معاشي ۽ سياسي بالادستيءَ جو خاتمو آندو.
انقلاب ۾ عوام جي ڀرپور شموليت ۽ انقلابي حڪومت پاران آندل سماجي-معاشي تبديلين ان سامراج مخالف قومي جمهوري انقلاب کان سوشلسٽ انقلاب ڏانهن عبور لاءِ مادي حالتون تيار ڪيون. عوامي پٺڀرائي، سوويت يونين ۽ ٻين سوشلسٽ رياستن جي مدد سان ڪيوبا جي انقلابي رياست اندروني رد-انقلابي قوتن سان نبرڻ سان گڏ آمريڪي سامراج جي معاشي، سياسي ۽ فوجي دٻاءُ کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب پڻ وئي.
16 اپريل 1961ع تي ڪاسترو ڪيوبا جي انقلاب جي سوشلسٽ ڪردار جو اعلان ڪيو. اهو اهو ئي دور آهي، جڏهن ڪيوبا ۾ انقلابي تنظيمن کي مارڪسي-لينني بنيادن تي متحد ڪرڻ جو عمل جاري هو، ان کان پوءِ ئي ڪميونسٽ پارٽي آف ڪيوبا قائم ٿي. ڪاسترو 1965ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو. ڪاسترو کي انقلابي خدمتن عيوض مختلف ملڪن خاص طور سوويت يونين پاران انعامن ۽ اعزازن سان به نوازيو ويو. کيس 1963ع ۾ ايم. وي. لومونوسوف ماسڪو اسٽيٽ يونيورسٽيءَ مان لا ۾ ڊاڪٽريءَ جي اعزازي ڊگري ڏني وئي، 1961ع ۾ قومن وچ ۾ امن جي استحڪام ۽ مضبوطيءَ لاءِ لينن انعام ڏنو ويو. 1963ع ۾ “سوويت يونين جو هيرو” جي لقاب سان نوازيو ويو ۽ 1972ع ۾ کيس “آرڊر آف لينن” ڏنو ويو.
ڪاسترو جنهن ڪيوبا جي تعمير ڪئي، ان جو ڪيوبن عوام سان گڏ پوري انسانيت جي خدمت ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي ۽ اهو ڪردار صحت، تعليم ۽ انساني ضرورتن جي ٻين دائرن ۾ نڀايو ويو آهي. ڪاسترو جي ڪيوبا جو هڪ ٻيو وڏو ڪارنامو آفريڪا جي سامراج مخالف قومي آزاديءَ جي تحريڪن جي وڏي پئماني تي مدد ڪرڻ پڻ آهي. ان عظيم ڪيوبا جي تعمير ڪندڙ عظيم ڪاسترو 5 سال اڳ اسان کان جسماني طور ته وڇڙي ويو، پر سندس فڪر، عمل ۽ انقلابي ورثو سامراج مخالف قومي آزادي ۽ پورهيت تحريڪن خاص ڪري اسان جي وطن سنڌ جي قومي آزادي جي تحريڪ ۽ ان جي ويڙهاڪ سرفروشن لا اتساهه جو سبب رهندو.