ٽنڊو جان محمد: ٽنڊو جان محمد ۾ منشيات نه ملڻ تي موالي مير موجود ٽالپر 11 هزار وولٽ بجلي جي ٿنڀي تي چڙھي ويو، جنهن کان پو شھرين فون ڪري بجلي بند ڪرائي. جڏهن ته شهري موالي کي هيٺ لهڻ لا منٿون ڪندا رهيا. ٻئي طرف پوليس منشيات هٿ ڪري ڏيڻ تي موالي ٿنڀي تان هيٺ لٿو، جنهن کان پو پوليس موالي کي ٿاڻي تي کڻي وئي. ان موقعي تي موالي جو چوڻ ھو ته چرس ۽ آفيم جو اڏو ھلائيندڙ سندس ڀاڻيجا نعين کوسو ۽ احسان کوسو آفيم نٿا ڏين ۽ وڙھيا آھن، جنهن ڪري احتجاج طور بجلي جي ٿنڀي تي چڙهيو هئس، جيڪڏهن ڀاڻيجن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته ٻيهر تارن ۾ هٿ وجهي پاڻ ماري ڇڏيندس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close