مٽياري جي ضلعي انتظاميا سپريم ڪورٽ جي آرڊر کانپو ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضى علي شاهه جي حڪم تي مٽياري جي مين سرڪل روڊ تان ناجائز اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون. ان ڏس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زھراڻي ۽ ايس ايڇ او مٽياري سيد محبوب شاهه وڏي پوليس نفري ۽ اينٽي انڪروچمينٽ جي اھلڪارن سان گڏجي ٽائون انتظاميه ۽ ڪرينن جي مدد سان شھر ۾ ناجائز اڏاوتن خلاف ڪارروايون ڪندي روڊ جي حدن ۾ ٿيل ناجائز اڏاوتن کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو. ان کان سوا روڊ جي ٻنھي پاسن کان بيٺل ريڙھا، صندل، ڪيبنون ۽ دڪا کڻائي ڇڏيا. متاثر سخت پريشان آهن. ان ڏس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زھراڻي چيو ته مٽياري جي سرڪل روڊ جو ڪم جاري آھي، نئون ٺھندڙ سرڪل روڊ پنھنجي پراڻي پوزيشن تي ٺاھيو ويندو، دڪاندارن ۽ شھرين پاران قبضا ڪري جيڪي اڏاوتون ٺاھيون ويون آھن، پھرئين مرحلي ۾ انھن جي خلاف ڪاروايون ڪيون پيون وڃن. اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جا آرڊر آھن ته شھر ۾ ڪٿي به سرڪاري ملڪيتن تي قبضا برداشت نه ڪيا ويندا، جيڪي به سرڪاري ملڪيتن تي قبضا آھن،
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close