سنڌ

ڊکڻ ۾ ٻن نوجوانن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

ڊکڻ ويجهو غلام شاهه ٿاڻي جي حد جنت شاخ وٽ ڳوٺ ميان داد جکراڻي واسين ٻه مهينا اڳ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل سونو خا جکراڻي ۽ علي مراد جکراڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري رتوديرو انڊس هاءِ وي روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي محمد فاروق جکراڻي، دولت جکراڻي، حاجي بشير جکراڻي، ديدار جکراڻي، شاهه علي جکراڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته ٻه مهينا اڳ جوابدارن عنايت جکراڻي، عابد جکراڻي، سهڻو جکراڻي، راجا محمود جکراڻي ۽ لياقت جکراڻي بيگناهه ٻن ڄڻن علي مراد، ۽ سونو خان جکراڻي کي قتل ڪيو هو. هنن الزام هڻندي چيو ته پوليس جوابدارن جي ڌر بڻيل آهي ۽ جوابدار سرعام هٿيارن سان گهمي رهيا آهن ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته ٻنهي مقتولن جا جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي. غلام شاهه ٿاڻي جو ايس ايڇ او اميد علي جاگيراڻي رابطي تي ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي پر جوابدار گهر خالي ڪري ويا آهن، جلد کين گرفتار ڪيو ويندو، جنهن بعد مظاهرين ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين شاهجهان شاهه سان ڳالهين بعد جوابدارن جي گرفتاري واري خاطري تي ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button