ڪراچي جي علائقي ڪورنگي مان پنج مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل ڳيريلي واسي پورهيت نوجوان شبير بليدي جي آزادي لا سندس وارثن عبدالوحيد بليدي، غلام مصطفي بليدي، عابد علي بليدي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته جيڪڏهن شبير مٿان ڪو ڪيس وغيره آهي ته کيس قانون موجب عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي جنهن کي هو منهن ڏيندو، هنن چيو ته شبير کي کنڀي گم ڪرڻ بعد سندس وڇوڙي ۾ امڙ جا روئي روئي حال هيڻا ٿي ويا آهن ۽ سخت بيمار آهي. هن تي رحم کائي سندس پٽ کي آزاد ڪيو وڃي. هنن سپريم ڪورٽ ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شبير بليدي کي آزاد ڪرائي انصاف ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close