ڀنگو بهڻ ڀرسان ڳوٺ عزت خان شر جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪٻئي تي لٺين ۽ ڪهاڙين سان حملا ڪرڻ سان گڏ فائرنگ پڻ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان 18 سالن جو راشد پٽ ارباب علي شر قتل ٿي ويو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا علي اڪبر، صاحب خان شر، ساجد علي، ممتاز شر ۽ مولابخش زخمي ٿي پيا. زخمين کي فيض گنج جي سرڪاري اسپتال داخل ڪيو ويو، جن کي بعد خيرپور ۽ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين مان ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. هوڏانهن مقتول راشد شر جو لاش فيض گنج اسپتال مان پوسٽ مارٽم کانپو وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي مڙهه کڻي گهر پهتا ته روڄ راڙو مچي ويو. هوڏانهن مقتول نوجوان جي پي ارباب شر صحافين کي ٻڌايو ته جوابدارن اسان سان ظلم ڪيو آهي. معمولي ڳالهه تان گوليون هڻي منهنجي نوجوان پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي. واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي فيض گنج پوليس ٻڌايو ته اطلاع تي زخمين کي اسپتال داخل ڪرايو آهي. ٻن شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close