خيرپور ۾ ڪڻڪ جي خريداري لا 52 سرڪاري سينٽر قائم ٿي ويا، حڪومت 14 لک ٻورين جو حدف مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف خيرپور ضلعي ۾ ڪڻڪ جو لابارو شروع ھجڻ ۽ ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ پھچڻ باوجود سنڌ حڪومت جي خوراڪ کاتي نه ته سينٽرن تي باردانو مھيا ڪيو آھي نه وري خريداري شروع ڪئي آھي. جنهنڪري واپاري ننڍن آبادگارن کان گھٽ اگھه ۾ ڪڻڪ جي خريداري لا ميدان تي اچي ويا آھن. اڪثر آبادگار لابارو ڪري ڪڍيل ڪڻڪ رکڻ لا جا نه ھجڻ ڪري پريشاني جو شڪار آھن. اھي گھٽ اگھه تي واپارين کي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آھن. ان ڏس ۾ آبادگار اتحاد جي اڳواڻن دين محمد چانگ، ڪانڊيرو خان سھتو، خدابخش سھتو ۽ حاجي خان چانگ جو چوڻ آھي ته خوراڪ کاتي پاران ھميشه خريداري واري عمل ۾ دير ڪئي ويندي آھي، جنھن سان آبادگارن کي پريشاني ۽ نقصان ٿيندو آھي ۽ واپاري فائدو کڻندا آھن، جنھن لا فوري طور باردانو ڏئي خريداري شروع ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close