لوڻي ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ شهر بقا وٽ ڪراچي کان خيرپور ويندڙ مسافرڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري اڳيان ويندڙ ٽرالر سان پويان کان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي گاڏيون ڪلٽي ٿي پيون.
حادثي جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا علي بلاول، حسن عباس، سھيل، شبيع ۽ دلشاد فوت ٿي ويا.
زخمين ۾ فراز نقوي، سيد محمد حيدر، سيد علي باقر، ذيشان ڪاظمي، احسن علي، بينش فاطمه،رفعت، فردوس ڪوثر، معصومه اڪبر ، علينه، جويريا عباس، علي حيدر، عرفان شاههعسڪري، توبا بتول، جرار علي ۽ ٻيا شامل آهن.
ڪوچ سوار مسافرن جو تعلق ڪراچي جي علائقي انچولي سان آهي جيڪي خيرپور زيارتن تي وڃي رهيا هئا.
ٻڌايو پيو وڃي ته رات دير سان ٿيل حادثي ۾ زخمي دير تائين امداد لاءِ واجهائيندا ۽ تڙپندا رهيا، جنهن کانپو لوڻي ڪوٽ پوليس حادثي واري جاءِ تي پهچي موٽروي پوليس سان گڏجي لاش ۽ زخمين کي لمس اسپتال منتقل ڪيو.