ڊکڻ ۾ مقتول امتياز شر جي وارثن جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڊکڻ ويجهو 2 مهينا اڳ ڳوٺ ڳڙهي صاحب خان واسي پورهيت امتياز شر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس وارثن ما نصيبان خاتون، سعيد شر، دلدار شر پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن جو چوڻ هو ته 2 مهينا اڳ اسان جي نوجوان امتياز شر کي پنهنجي برادري جي ثنا الله شر، امان الله، ارباب شر سکر مان گهرائي بيدرديءَ سان قتل ڪيو هو، 2 مهينا گذرڻ باوجود ڊکڻ پوليس قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي. هنن ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي قتل ڪيس ۾گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close