نوري آباد پوليس ڳجهي اطلاع تي جهمپير ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي ڪندي ڪروڙين رپين جي ماليت جو گٽڪي ۽ مين پڙي ۾ استعمال سوپاريون هٿ ڪري 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او نوري آباد افتخار باجوا ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع ملڻ تي پوليس اٽالن سان پهچي ويران جا تي ڇاپو هنيو ته 640 ڪٽا گٽڪي ۽ مين پڙي ۾ استعمال ٿيندڙ سوپارين جا هٿ ڪيا ويا، جنهن جي ماليت ڪروڙين رپيا آھي، جڏھن ته اتي موجود ست ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جن ۾ حميد الله، شبير، حيات الله، نثار احمد، نور الله، علي ۽ سردار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنھن جو تعلق ڪوئيٽا سان ۽ اهي گدام جا چوڪيدار ٻڌايا پيا وڃن، جڏھن ته اصل جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. گرفتار جوابدارن مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close