سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ۾ آ بي اي سکر پاران تعليم کاتي ۾ جي ايس ٽي ڀرتين لاءِ ورتل ٽيسٽ خلاف وڪيل عمران مگسي جي پٽيشن جي شنوائي ٿي، جتي آ بي اي يونيورسٽي جو ايڊيشنل رجسٽرار اظهر علي سومرو پيش ٿي يونيورسٽي پاران جواب داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته آ بي اي ٽيسٽنگ سروس سکر پاران جي ايس ٽي جي ڀرتين لاءِ 13 سيپٽمبر کان 17 سيپٽمبر تائين لکت ٽيسٽ ورتي وئي، جنهن ۾ روزانو جي بنياد تي اٽڪل 8 هزار اميدوار شامل هئا، وڏي انگ ۾ اميدوارن کي ساڍي ستين وڳي سينٽر تي پهچڻو هو، جنهن ڪري ٽيسٽ وٺڻ لاءِ 2 کان 3 ڪلاڪن جو وقت گهربل هو، جيئن سمورن اميدوارن کان ٽيسٽ ورتي وڃي. 16 سيپٽمبر تي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي 7769 اميدوار هئا، جيڪي پوڻين ڏهين ڌاري سينٽر اندر داخل ٿيا ۽ انهن کان سوا ڏهين وڳي ڌاري ٽيسٽ ورتي وئي پر ان باوجود انهن اميدوارن کي 30 منٽ اضافي ڏنا ويا ۽ دير سان ايندڙ اميدوارن کي سينٽر اندر داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي ۽ اميدوارن کي بنا اوريجنل شناختي ڪارڊ جي اندر داخل ٿيڻ جي اجازت نه هئي، مختلف وقت مقرر ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته جيئن هو سوير اچي سگهن ۽ انهن جي تصديق وارو عمل جلد مڪمل ٿي سگهي. اهڙو جواب داخل ٿيڻ کانپوءِ عدالت پٽيشن جي شنوائي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close