سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڳچل پل پوليس چوڪي ويجهو موٽر سائيڪل سوار 3 نامعلوم ھٿياربندن پي پي ايڇ آ جي مانيٽرنگ آفيسر جنيد ساريو کان موٽر سائيڪل، موبائيل فون، روڪ رقم ڦري ويا. ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۾ ٽريڪر سسٽم لڳل ھجڻ ڪري ٽريڪر جي مدد سان پوليس بروقت ڪارروائي ڪري سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪمال سناڻي ۾ ڪمال سناڻي جي گهران ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي، پوليس ھٿيار پڻ ھٿ ڪيا. پوليس ڪارروائي دوران جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close