ڪراچي ۾ بيگناهه قتل ٿيل نوجوان جي وارثن نصيرآباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. 10 ڏينهن اڳ ڪراچي شاھراهه فيصل الفلاح ٿاڻي جِي حد ۾ چوري جي مبينا الزام هيٺ پوليس جِي موجودگي ۾ شرپسندن بيدردي سان نوجوان علي اڪبر ڦلپوٽو کي قتل ڪرڻ ۽ نوجوان نور احمد کي زخمي ڪرڻ تي سندس وارثن، نصيرآباد جي سياسي، سماجي تنظيمن ۽ ڦلپوٽا نوجوان اتحاد پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي مقتول جِي ما امينا خاتون، ڀيڻ، ريحانا خاتون، ڀاءُ علي گل ڦلپوٽو، ڪامريڊ حبدار چنجڻي، عامر ڪلھوڙو، حفيظ تنيو، حسين مڪه، منصور ڪاٺيو ۽ ٻين چيو ته ڪراچي ۾ قتل ٿيل نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ زخمي نوجوان جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close