جيڪب آباد جي جمس ۽ سول اسپتال ۾ ٻن عورتن جي فوتگي خلاف وارثن عملي تي غفلت جوا لزام هڻندي احتجاج ڪيو. جيڪب آباد جي ڳوٺ ولي محمد ٽانوري واسڻ رشيدان کي ويم لا جمس اسپتال آندو ويو، جتي عورت ٻار کي جنم ڏيڻ بعد فوت ٿي وئي. عورت جي مڙس سهراب چاچڙ جمس اسپتال جي ڊاڪٽر ۽ عملي تي غفلت جو الزام هڻندي چيو آهي ته مون پنهنجي زال کي ويم لا جمس ۾ داخل ڪرڻ کانپو رت جو بندوبست ڪرڻ لا ويو هيس ۽ 5 رت جون بوتلون ڏنيون ۽ ٻاهران دوائون پڻ ٻاهران ميڊيڪل تان آڻي ٻار جو جنم ڏيڻ بعد منهنجي زال جي طبيعت بگڙجي وئي، جنهن کانپو جمس انتظاميا سهولتون نه هجڻ تي بهانو بڻائي زال کي لارڪاڻي کڻي وڃڻ لا چيو هو، زال کي لاڙڪاڻي کڻي وڃي رهيو هيس ته هن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. سهراب چاچڙ جمس انتظاميا جي خلاف ڪارروائي ڪندي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ٻئي طرف سول اسپتال ۾ ٺل جي ڳوٺ محمد حسين سرڪي جي حاملا عورت نسيما کي آندو، جتي هن ويم دوران دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close