سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي سپريم ڪورٽ ۾ جونيئر ججز جا نالا شامل ڪرڻ ۽ سنڌ جي سينيئر ججز کي نظرانداز ڪرڻ لا ها ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار طرفان عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، جنهن دوران ڪيسن جي شنوائي نه ٿي سگهي. ان ڏس ۾ وڪيلن عدالتي ڪاررواين ۾ حصو نه ورتو، وڪيل اڳواڻ ايڊووڪيٽ غلام الله چانگ، الطاف سچل اعواڻ ۽ ٻين چيو ته سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي سپريم ڪورٽ ۾ جونيئر ججز جي مقرري خلاف احتجاج ڪري بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي. ساڳئي وقت ها ڪورٽ بار جي هال ۾ ڊيموڪريٽڪ لائرز فورم سنڌ طرفان اجلاس طلب ڪيو ويو. ان موقعي تي فورم جي ڪنوينر ستار سرڪي، عبدالحڪيم چانڊيو چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ جي سينيئر ججز کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. تازو 2 مهينا اڳ سفارش ڪيل ججز کي سپريم ڪورٽ سندن مقرري کي رد ڪيو هو، هاڻ وري کين کنيو پيو وڃي. هنن چيو ته ٻڌايو وڃي ته چيف جسٽس سنڌ ها ڪورٽ احمد علي شيخ کي ڇو نٿو کنيو وڃي. هنن قرارداد ۾ چيو ته سنڌ جي سينيئر ججز کي نظرانداز ڪرڻ غيرآئيني عمل آهي. اهڙا غيرقانوني ڪم جاري رهيا ته ماڻهن ۾ اڃا محرومي وڌنڌي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close