سنڌ

حئي بلوچ ۽ اياز پليجو ۾ ملاقات،وسيلن جي ڦرلٽ تي ڳڻتي

نامور بلوچ قومپرست ۽ ترقي پسند اڳواڻ ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽرعبدالحئي بلوچ قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو سان سندس رھائش گاهه پرنس ٽائون حيدرآباد ۾ تفصيلي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ٻنھي اڳواڻن ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي ۽ قومن جي قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ تي سخت تشويش جو اظھار ڪيو. ٻنھي اڳواڻن اتفاق راءِ ڪيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي مظلوم عوام ۾ ھزارين سالن جا قديم محبت ۽ ڀائپي جا عظيم رشتا آھن. ٻئي عظيم قومون گڏجي پنھنجي تاريخي ڌرتين ۽ وسيلن جو تحفظ ڪنديون. ان موقعي تي بلوچ ۽ سنڌي عوام کي وڌيڪ متحد ۽ سجاڳ ڪرڻ ۽ وڌيڪ ويجھو آڻڻ لاءِ پڻ رٿابندي ڪئي وئي. ٻئي طرف قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ ڪمند جو اگھه 300 روپيا مڻ مقرر ڪري جلد ملون چالون ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button