سنڌ

250 روپيا اگهه قبول آهي پر شگر ملون ڪير هلائيندو:ايوان زراعت سنڌ

ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاهه سنڌ جي آبادگارن جي مسئلن تي ڪوٺايل اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ سرڪار جي ڪمند جو نئون امدادي اگهه 250 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ واري فيصلي کي ساراهيندي چيو ته سنڌ حڪومت ڪمند جو اگهه ته مقرر ڪري ڇڏيو آهي پر سوال اهو آهي ته سنڌ شگر ڪين ايڪٽ تحت شگرملون ڪير هلرائيندو؟ شگر مل مالڪ سدائين ڪريشنگ سيزن شروع ڪرڻ ۾ پنهنجي من ماني ڪندا آهن. هن چيو ته ايوان زراعت جو مطالبو هو ته شگرملون پهرين نومبر کان هلايون وڃن پر هاڻ حڪومتي اعلان تحت 15 نومبر کان سموريون شگرملون هر صورت ۾ ڪريشنگ سيزن شروع ڪن ته جيئن ڪمند جو تيار بيٺل فصل تباهه ٿيڻ کان بچي سگهي ۽ وقت تي ڪٽائي ٿيڻ سان ڪڻڪ جي فصل جي پوک ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button