سنڌ

بدين ۾ همراهه اڳوڻي زال قتل ڪري پاڻ کي به گولي هڻي ڇڏي

بدين ۾ جوابدار شخص نجي بئنڪ ۾ ملازمت ڪندڙ پنهنجي اڳوڻي زال کي گوليون هڻي قتل ڪري پاڻ مٿان به فائر ڪري ڇڏيا. خبر موجب ڪالهه صبح ڇنڇر ڏينهن بدين شهر ۾ حيدرآباد روڊ تي ٽنڊوباگو جي رهواسي جوابدار قاسم پٽ نويد خاصخيلي نجي بينڪ ۾ داخل ٿي بينڪ جا دروازا بند ڪري لون آفيسر ماتلي جي رهواسڻ اڳوڻي زال سنبل ڀٽي کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ کانپو پاڻ کي به گولي هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. اهڙي اطلاع تي بدين پوليس بروقت پهچي اندر کان دروازو بند هئڻ سبب ڏاڪڻ ذريعي جڳهه ۾ داخل ٿي ٻنهي زخمين کي انڊس اسپتال پهچايو، جتي سنبل ڀٽي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، جڏهن ته اڳوڻي زال کي قتل ڪندڙ جوابدار کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button