سنڌ

ناظم جوکيو جي ڀا تي ڪيس تان هٿ کڻڻ لا دٻا،انصاف کپي:گهر واري

ڌاٻيجي ۾ پکين جي شڪار کان روڪڻ تان قتل ڪيل شهيد ناظم جوکيو جي زال شيرين جوکيو سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ ها ڪورٽ کي انصاف جي اپيل ڪئي آهي. ان ڏس ۾ شيري جوکيو چيو آهي ته منهنجي مڙس جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن مان ڪجهه اڃا تائين آزاد آهن، سنڌ حڪومت ۽ پوليس مان انصاف ٿيندي نه پئي ڏسان. شهيد ناظم جي قتل ڪيس تي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ مونکي انصاف ڏيارين. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته فريادي منهنجي ڏير افضل جوکيو کي دٻاءُ وجهي ڪيس تان هٿ کڻايو به وڃي پر مان پنهنجي مڙس جي خون سان انصاف چاهيان ٿي. شيرين جوکيو چيو ته ڪجهه بااثر راڄوڻي ذريعي مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ ٽڪساٽ کيڏي رهيا آهن پر انهن جي حربن ۾ آئون نه اينديس، مونکي صرف سپريم ڪورٽ ۽ منصفن مان ئي انصاف جي اميد آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button