عالمي

عراق جو وزيراعظم ڊرون ذريعي ٿيل قاتلاڻي حملي ۾ بچي ويو

عراق جي وزيراعظم مصطفيٰ الڪاظمي تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هو ذري تان بچي ويو آهي. ميڊيا رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ عراقي وزيراعظم مٿان سندس گهر تي ڊرون ذريعي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هو پاڻ محفوظ رهيو آهي. جڏهن تھ ان حملي ۾ 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. حملي بعد عراقي وزيراعظم کي محفوظ جڳهه تي منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن عراقي وزيراعظم مصطفيٰ الڪاظمي رڪارڊ ڪرايل وڊيو پيغام ۾ ملڪ جي عوام کي آگاهي ڏني آهي تھ هو بلڪل خيريت سان آهي. ٻئي پاسي وزيراعظم تي حملي جي ذميواري اڃا ڪنهن بھ قبول ناهي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button