بدين ۾ جوابدار شخص نجي بئنڪ ۾ ملازمت ڪندڙ پنهنجي اڳوڻي زال کي گوليون هڻي قتل ڪري پاڻ مٿان به فائر ڪري ڇڏيا. خبر موجب ڪالهه صبح ڇنڇر ڏينهن بدين شهر ۾ حيدرآباد روڊ تي ٽنڊوباگو جي رهواسي جوابدار قاسم پٽ نويد خاصخيلي نجي بينڪ ۾ داخل ٿي بينڪ جا دروازا بند ڪري لون آفيسر ماتلي جي رهواسڻ اڳوڻي زال سنبل ڀٽي کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ کانپو پاڻ کي به گولي هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. اهڙي اطلاع تي بدين پوليس بروقت پهچي اندر کان دروازو بند هئڻ سبب ڏاڪڻ ذريعي جڳهه ۾ داخل ٿي ٻنهي زخمين کي انڊس اسپتال پهچايو، جتي سنبل ڀٽي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، جڏهن ته اڳوڻي زال کي قتل ڪندڙ جوابدار کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close