سنڌ حڪومت صوبي کي حصي جو پاڻي ڏيڻ لاءِ ارسا چيئرمين کي خط لکي ڇڏيو آهي. آبپاشي کاتي طرفان موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته خريف جي فصلن جي پوکائي اپريل کان شروع ٿيندي، تنهن ڪري اپريل ۽ مئي ۾ سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. آبپاشي کاتي خط ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ کي پاڻي جو پورو حصو نه مليو ته خاص طور تي ڪپهه ۽ ٻين فصلن جي پوکي متاثر ٿيندي ۽ آبادگارن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، حصي جو پاڻي نه مليو ته آبادگار چانورن جي پوکائي ڏانهن هليا ويندا. ارسا کي موڪليل خط ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته چانورن جي پوکي لا به پاڻي جي گهرج ۾ اضافو ٿيندو، تنهن ڪري سنڌ کي پاڻي جو پورو حصو ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close