حيدرآباد ۾ بدامني جي باهه تي ڪنٽرول نه ٿيو، ڏينھن ڏٺي جو پيٽرول پمپ جي ملازمن کان 27 لک روپيا ڦر ٿي ويا. تفصيل موجب حيدرآباد جي قاسم آباد ۾ ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ ڄامشورو روڊ تي هٿياربند پيٽرول پمپ جي ٻن ملازمن کان مبينا طور 27 لک روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جي رپورٽ داخل ڪئي وئي. ان ڏس ۾ پمپ مالڪ لقمان ٻڌايو ته اسان جا ملازم احسان ۽ رضوان پمپ تان پئسا کڻي بينڪ ۾ جمع ڪرائڻ وڃي رھيا ھئا ته رستي تي ھٿياربندن ڦر ڪئي آھي. پوليس موجب پمپ مالڪ جو چوڻ آھي ته مون کي ملازمن تي شڪ آھي، جنھن کانپو پوليس ٻنھي ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close