ڳاڙهو ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌي هاري تحريڪ مهانگائي، لاقانونيت، نقلي زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جي وڪري، شهيد ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال جي قاتلن جي گرفتاري لا وين اسٽاپ کان مک چوڪ تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي بلاول لاشاري، فيض سنڌي، اڪبر گلڙي، اسلم سمون، ادريس پليجي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران ٻين صوبن کان به گو کڻي وئي آهي. هنن چيو ته نقلي زرعي ٻج، دوائون ۽ ڀاڻ سرعام وڪرو ڪيا پيا وڃن، جنهن ڪري آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. فصل تباهه ٿي رهيا آهن. هنن چيو ته سنڌ ۾ جاگيرداري نظام ڪيترائي گهر اجاڙي ڇڏيا آهن. هنن چيو ته شهيد ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال جا قاتل اسيمبلي ميمبر آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close