سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي جي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي دڪان کولين ۽ ڪم تي اچن. هن چيو ته قانون هٿ ۾ کڻندڙن کي سخت ترين سزا ڏني ويندي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪالهه عمران خان کي ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو، نيب چيئرمين پي ٽي آءِ کي گرفتار ڪيو آهي، مٿس اربين رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي سياسي مخالف جي گرفتاري تي خوش ناهي ٿيندي، عمران خان جي دور ۾ آصف زرداري کي گرفتار ڪيو ويو، فريال ٽالپر کي عيد جي رات گرفتار ڪيو ويو، آغا سراج دراني اڃا تائين جيل ۾ آهي، خورشيد شاهه کي به ڀڃ ڊاهه کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته عمران خان پنهنجي دور ۾ سياسي مخالفن کي جيلن ۾ وڌو، سندس گرفتاري سان سڄي ملڪ ۾ فساد ٿي رهيا آهن.صوبائي سڌ سماءَ واري وزير چيو ته اسان بينظير ڀٽو جي شهادت تي به پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو، ڪالهه پي ٽي آءِ سڄي ملڪ ۾ فساد ۽ غنڊه گردي ڪئي، اسان غريب عوام لاءِ بسون هلائيون، ڪالهه هنن ساڙي ڇڏيون، ڇا عوام عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪالهه پي ٽي آءِ اڳواڻن ڪارڪنن کي چيو هو ته روڊن تي نڪري اچن، عوام کي ڀڙڪائڻ بدران پريس ڪانفرنس ڪري القادري ٽرسٽ جا تفصيل ڏيو، پي ٽي آءِ ڪارڪنن ڪروڙين رپين جون بسون ساڙي ڇڏيون، ڪير به قانون کي هٿ ۾ کڻندو. انهن کي سخت سزا ڏني ويندي، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ دهشتگردي جي زمري ۾ اچي ٿو. شرجيل ميمڻ چيو ته القادر ٽرسٽ ڪيس صاف ۽ شفاف آهي، پي ٽي آءِ کي القادر ٽرسٽ ڪيس جي وضاحت ڪرڻ گهرجي، اسان ۽ اسان جي قيادت ڪڏهن به گرفتارين کان نه ڊڄي آهي، شرپسندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. پ پ اڳواڻ چيو ته سنڌ جو وڏو وزير صورتحال جي خبر وٺي رهيو آهي، ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ ڪالهه غنڊو نظر اچي رهيو هو، القادر ٽرسٽ ۾ گرفتاري انتقامي ڪارروائي نه هئي. هن چيو ته ڪالهه جي احتجاج ۾ شريڪ ماڻهن جي سي سي ٽي وي به موجود آهي، احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو، ڪنهن سان به رعايت نه ڪئي ويندي، باهه لڳائيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته عمران خان کي عدالت ٻاهران گرفتار ڪيو ويو، عدالت ٻاهران عمران خان جي گرفتاري جا سمورا ڪيمرا ثبوت آهن، اسان پنهنجي قيادت جي گرفتاري تي روڊ بلاڪ ۽ غنڊه گردي نه ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close